ٻاريءَ جا دٻيل دڙا

ٻاريءَ جا دٻيل دڙا: تعلقي ڪيٽي بندر جي ديهه گھوڙا ٻاري ۾ ڦٽل شھر جا آثار، جيڪي دڙن جي صورت ۾ موجود آھن. اھي آثار، ڳوٺ احمد سمي جي ڀرسان روڊ جي بلڪل ويجھو، ڳوٺ کان ھڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي آھن. ١٩٤٠ع تائين ھندن جو وسندڙ ڳوٺ هو، پر آزاديءَ کان پوءِ ھو لڏي ھندستان ھليا ويا ۽ پنھنجو قيمتي سامان ڪڍي ويا. انھن جاين ۾ ڪي تهه خانا به آھن. آسپاس جي ڳوٺ وارن ٻاريءَ جي دڙن مان گھرن ٺاھڻ لاءِ چيڪي مٽي ڪڍي گھر ٺاھيا، کوٽائي ڪندي تهه خانن مان قيمتي شيون مليون آھن، جن ۾ خوبصورت شيشيون، چانديءَ ۽ ٽامي جا سڪا، خوبصورت پٿر شامل آھن. چانديءَ جي سڪن ۾ ١٨٦٢ع، ١٩٠٢ع ۽ ١٩١٢ع جا سڪا مليا آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو